پشاور – پهرين جنوري (اي پي پي) ڀارتي ياترين جو گروپ مذهبي رسمون ادا ڪرڻ جي لاءِ ٽيري ڪرڪ پهچي ويو. تفصيل موجب ڪرڪ جي تعلقي بانڊه داد شاهه جي علائقي ٽيري ۾ هن??و مذهبي پيشوا شري پرم هن?? جي مهاراج جي سماڌي ۽ ٽيري مندر جي بحالي (نئين سر تعمير) جو ڪم مڪمل ٿيڻ کا??پوءِ پاڙيسري ملڪ ڀارت جي هن??و برادري جي ياترين جي ٽيري اچڻ جي سلسلي ۾ حڪومت سميت هن??و ڪائونسل پاڪستان پاران غيرمعمولي انتظام ڪيا ويا، سال 2022ع جي پهرين ڏينهن ٽيري مندر ۾ مذهبي رسمن جي ادائيگي جي لاءِ ڇنڇر جي صبح دبئي کا?? هن??و برادري جي 15 مردن ۽ عورتن ۽ ٻارن تي ٻڌل قافلو پشاور ايئرپورٽ پهتو جتان انهن کي باحفاظت نموني ٽيري مندر پهچايو ويو جڏهن ته اتي اڳ ۾ ئي پاڪستان جي سنڌ صوبي ۽ ٻين علائقن مان هن??و برادري جا ماڻهو موجود هئا، ٽيري جي مقامي آبادي پاران مهمانن جي اچڻ جي لاءِ انتظام ڏسڻ لاءِ مليا ۽ مقامي آبادي جا حجرا مهمان خانن ۾ تبديل ٿي ويا، ٻئي طرف هن??و برادري جا ٻار ٽيري جي گهٽين ۾ کيڏندي نظر آيا ۽ بازارن مان سودو سامان پڻ خريد ڪندا رهيا ۽ هن??و برادري جا ماڻهو مقامي آبادي سان گهلي ملي ويا. ان موقعي تي هن??و برادري جي قانوني معاملن جي انچارج روهيت ڪمار ايڊووڪيٽ سميت ٻين ياترين پاڪستان حڪومت پاران ٽيري سميت هن??وئن جي ٻين مذهبي جاين جي حفاظت ۽ جاين کي مذهبي سياحن جي لاءِ کولڻ جي بهتر قدم کي ساراهيو. سندس چو?? آهي ته پاڪستان ۾ مڪمل مذهبي آزادي سان گڏوگڏ مذهبي سياحت جي فروغ سان پوري دنيا کي مثبت پيغام ملندو. سندس وڌيڪ چو?? هو ته پاڪستان حڪومت جو اهو بهتر قدم پاڙيسري ملڪن خاص طور تي ڀارتي حڪومت جي لاءِ پڻ هڪ مثبت پيغام آهي ۽ ڀارتي حڪومت کي پڻ گهرجي ته اها پنهنجي ملڪ ۾ مسلمانن کي انهن جي مذهبي جاين تائين پهچ ڏيڻ سان گڏوگڏ مذهبن ۽ انسانيت جي وچ ۾ فاصلا ختم ڪري. ٻئي طرف ڀارت مان 200 مرد ۽ عورت ڀارتي ياترين جو قافلو واهگه بارڊر جي ذريعي صبح اٽڪل 11 وڳي پاڪستان ۾ داخل ٿيو ۽ اتان لاهور هوائي اڏي کا?? هوائي جهاز ذريعي پشاور هوائي اڏي پهتو جتان اهو قافلو پشاور کا?? ٽيري جي لاءِ روانو ٿيو.
متعلقہ مضامین
-
Petroleum minister welcomes JBIC’s inclusion in Reqo Diq lender group
-
Silence takes over Islamabad as most residents head to hometowns for Eid celebrations
-
CCI ‘buries’ canal project, for now
-
روحانی دنیا کے عجائبات کا سرکاری تفریحی پورٹل
-
نینجا اور سامورائی تفریح: سرکاری ویب سائٹ
-
More ministers, Special Assistants inducted in Sindh cabinet
-
PTI to immediately continue its political activities after Eid
-
Leather sector bears the brunt of govts apathy
-
EU works towards resolving Pakistan-India political tensions
-
Karachi gets new corps commander
-
CM condemns Turkey blast
-
PS الیکٹرانک آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا آسان طریقہ