اسلام آباد – 18 – نومبر (اي پي پي) قائداعظم يونيورسٽي جي ڊفينس اينڊ اسٽريٽجڪ اسٽڊيز شعبي جي شاگردن جي هڪ وفد قومي خابرو اداري ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان (اي پي پي) هيڊڪوارٽرز جو دورو ڪيو. وفد کي اداري جي آپريشنل معاملن بابت بريفنگ ڏني وئي. شاگردن جي دوري جو مقصد اي پي پي ۾ خبرن جي تياري، متن، فوٽو ۽ وڊيوز سيڪشن سميت مختلف پليٽ فارمز بابت معلومات حاصل ڪرڻ هو. ان موقعي تي اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد ع??صم کچي قائداعظم يونيورسٽي جي شاگردن کي قومي مفادن جي فروغ ۾ اي پي پي جي ڪردار کان آگاهه ڪيو. هن اسٽريٽجڪ ميڊيا اداري جي طور تي پاڪستان جي بهترين مفاد ۾ قومي بيانيي جي فروغ ۾ اي پي پي جي ڪردار تي روشني وڌي. هن چيو ته جعلي پروپئگنڊه جو مقابلو ڪرڻ کانسواءِ ??ي پي پي سنسني خيزي جي مشق ۾ ملوث ٿيڻ کانسواءِ مستنند ۽ معتبر مواد ڦهلائڻ تي ڌيان ڏنو. هن شاگردن کي ماڊرن نيوز فائلنگ سسٽم جي ذريعي مختلف شعبن جو احاطو ڪندڙ پيشيور صحافين جي ٽيم جي ذريعي اي پي پي جي قومي ۽ عالمي پهچ کان آگاهه ڪيو. اي پي پي جي ايم ڊي قومي سلامتي جي ڏس ۾ ميڊيا سان لاڳاپيل معاملن ۽ مختلف سياسي منظرنامن جي ڪوريج ۾ اي پي پي پاران توازن کي برقرار رکڻ بابت شاگردن جي سوالن جا جواب ڏنا. قائداعظم يونيورسٽي جي وزٽنگ فيڪلٽي ميمبر شازيه محبوب جي قيادت ۾ شاگردن اي پي پي جي مختلف سيڪشنز، سي??ٽر?? نيوز ڊيسڪ، انگلش رپورٽنگ، فارن اينڊ اڪنامڪ ڊيسڪ، اردو نيوز سروس، وڊيو نيوز سروس، اسٽوڊيوز ۽ ڊيٽا سينٽر جو دورو ڪيو. بعد ۾ اي پي پي جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر محمد ع??صم کچي قائداعظم يونيورسٽي جي شاگردن جي وفد جي قيادت ڪندڙ فيڪلٽي ميمبر شازيه محبوب کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي. ان موقعي تي اي پي پي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر سبين عثمان خٽڪ، ڊائريڪٽر نيوز شمائله عندليب، ڊائريڪ??ر وڊيو نيوز رب نواز باجوه، ڊائريڪٽر ڪرائيم رشيد ملڪ، ڊائريڪٽر آءِ ٽي عدنان بخاري ۽ ??يا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
متعلقہ مضامین
-
Punjab has surplus funds, didn’t borrow from SBP, clarifies Azma
-
BOP reports 278pc growth in operating profit during 1H-2025
-
Our constitution stands as the embodiment of the aspirations of our people: CJP Yahya Afridi
-
STVETA Sports Festival inaugurated in Karachi
-
Crime rate in Larakana largely controlled, says Faryal Talpur
-
کینڈی برسٹ آفیشل تفریح ایپ
-
ECP establishes control room for complaints
-
Life in Karachi unperturbed: shops, hotels and schools remain open
-
There is no shortcut to power, Fazl tells Imran
-
Baldia Factory Fire main accused Rahman arrested in Thailand
-
Road accident leaves three dead, 10 injured in Dadu
-
Include Afghanistan in Moscow trilateral consultation on Afghan conflict